دادا گرداس واڌواڻي

دادا گرداس واڌواڻي

دادا گرداس واڌواڻي

دادا گرداس واڌواڻي: دادا گرداس واڌواڻيءَ جو جنم، 7 جون 1911ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس تعلق حيدرآباد جي عامل گهراڻي سان هو. شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. هن پنهنجي ادبي سفر جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪراچيءَ مان ڪئي. گرداس واڌواڻي ويهن سالن جي عمر ۾ صحافت جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ سنڌي روزاني اخبار ’ديش متر‘ سان وابسته رهيو. انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر ناليوارو صحافي کيمچند دتارام هو. دادا واڌواڻيءَ 1931ع کان 1939ع تائين پهريان رپورٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ دوران اهم سياسي شخصيتن ۽ دانشورن کان انٽرويو ورتا، جيڪو سلسلو گهڻو مقبول ويو ۽ ان دور جي مشهور سنڌي اخبار ’الـوحـيـد‘ اهي انٽرويو ٻيهر جيئن جو تيئن شايع ڪيا. ان کانپوءِ هي انگريزي اخبار ’سنڌ آبزرور‘ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. 1943ع ۾ ڊاڪٽر تاراچند لالواڻيءَ، شام جي پهرين اخبار ’ڪراچي ڊيلي‘ ۾ کيس رپورٽر طور رکيو ۽ پوءِ ’ڊيلي گزيٽ‘ اخبار ۾ رکيو. 1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته گرداس واڌواڻيءَ جو سڄو ڪٽنب هندستان لڏي ويو، پر هن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي صحافت واري ڪرت جاري رکي. ’ڊيلي گزيٽ‘ بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هي ’هندستان اسٽئنڊرڊ‘ ۽ مدراس جي ’هندو‘ اخبار جو رپورٽر مقرر ٿيو. 1961ع ۾ ’مارننگ نيوز‘ ۾ شامل ٿيو. 1965ع جي پاڪ- ڀارت جنگ جي ڪري ’هندستان اسٽينڊرڊ‘ ۽ ’هندو‘ اخبارون ڇڏڻيون پيس. زندگيءَ جا 41 سال صحافت کي ڏيڻ کان پوءِ 1972ع ۾ صحافت ڇڏي ڏنائين. هن 1974ع ۾ روزاني ’هلال پاڪستان‘ ۾ ’جيڪي ڏٺو مون‘ جي عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيا، جن ۾ هو پنهنجي زندگيءَ جا انيڪ تجربا بيان ڪندو رهيو. هن ٻارن لاءِ به ڪافي لکيو. ڊينمارڪ جي ٻارن جي مشهور ليکڪ اينڊرسن جون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪي ’شاهي بلبل‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون. گرداس واڌواڻيءَ جي لکڻ جو انداز نهايت وڻندڙ ۽ سليس هوندو هو. هن جي ساروڻين ۽ ڪالمن جا چار ڪتاب: (1) ’جيڪي ڏٺو مـون‘ (1980ع)، (2) ’سـاروڻـيــون‘ (1981ع)، (3) ’ڳالـهه ٻـولـهه‘ (1982ع) ۽ (4) ’جڏهن آدم آيو‘ (1987ع) شايع ٿيل آهن.
دادا گرداس واڌواڻيءَ کي سندس صحافتي خدمتن جي ڪري ’گرو‘ يعني ’مرشد‘ ڪري سڏيو ويندو هو. آخري عمر ۾ پريس ڪلب ڪراچيءَ جي هڪ ڪوارٽر ۾ رهندو هو. 1991ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.06.07  عيسوي

دادا گرداس واڌواڻيءَ جو جنم، 7 جون 1911ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه فيصل
عبدالهادي سرهيو ڊاڪٽر
ايس آر رائو ڊاڪٽر
ابڙو غلام مصطفيٰ
علاوالدين
جمالي مصري خان
جي جي مور
سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو
دياگير سنت
احمد سلطان چانڊيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون